ڀئن پور

ڀَئن پُور: شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ڄمڻ واري هنڌ بابت تحقيق ڪندڙ جا مختلف رايا آهن . ڪي چون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڀئن پور هالا حويلي ۾ ڄائو هو . جيڪا هالا جي پسگردائيءَ ۾ هئي . ڪن جو خيال آهي ته ، اها هالا حويلي اڏيري لعل ۽ مٽياريءَ جي ڀرپاسي ۾ هئي . ڪي وري هالا حويليءَ جو محل وقوع ٽنڊي ڄام ڀرسان کٽياڻ ڳوٺ ٻڌائين ٿا . ڪن محققن جو وري هيءُ خيال آهي ته ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڄمڻ واري جاءِ ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي آدم جي وچ تي عثمان شاهه هُڙيءَ وٽ آهي . شاهه صاحب رحه جي ڄمڻ واري هنڌ کي پڌرو ڪندڙ ٻه حوالا مضبوط نظر اچن ٿا . هڪ ” ڀئن پور “ ٻيو ” هالا حويلي “ ڀئن پور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڄمڻ واري وسنديءَ يا ڳوٺ جو نالو آهي . ساڳيءَ طرح هالا حويلي ، انهيءَ ڳوٺ جي هالا محلي اندر سيدن جي رهائش گاهه جو حوالو آهي . نااتفاقي ڀئن پور تي ناهي ، پر ڀئن پور جي محلِ وقوع تي ٿيندي رهي آهي . هن ڳالهه تي سمورا محقق متفق آهن ته ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڀئن پور جي هالا حويليءَ ۾ پيدا ٿيو هو . جيڪڏهن محقق تحقيق جي اصول کي سامهون رکي ڀئن پور جي محلِ وقوع تي غور ڪن ته مونجھارو ختم ٿي سگھي ٿو . شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڄمڻ جي هنڌ بابت تصديق ڪجهه محققن جي بيانن ۽ تحريرن منجھان به ملي سگھي آهي . ڪلياڻ آڏواڻيءَ پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ لکي ٿو ته ، ” شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا ۾ ” هالا حويليءَ “ ۾ ڄائو هو . “ ساڳيءَ طرح آفاق صديقي صاحب پنهنجي مضمون ” شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سلسلئه نسب “ ۾ لکي ٿو ته ” جڏهن سيد حيدر مختلف جڳهين جو سير ڪندو سنڌ ۾ آيو ته هالا علائقي جي هالا حويليءَ جي هڪ زميندار شاهه محمد وٽ اچي مهمان ٿيو . “ آفاق صديقيءَ جي بيان مطابق سيد حيدر جي اچڻ کان پهرين به ، هالا حويلي موجود هئي . سنڌ ۾ سيد جي رهائش گاهه کي حويلي سڏيو ويندو آهي . اوائلي دؤر ۾ شاهه جو لقب نالي جي اڳيان ورتو ويندو هو . مثلاً شاهه حبيب ، شاهه حيدر ۽ شاهه لطيف وغيره . سيد محمد کي ئي شاهه محمد چيو ٿي ويو . جنهن سيد حيدر کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو . جنهن جي نسب مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پيدا ٿيو .
آفاق صديقيءَ چٽيءَ طرح هالا حويلي جو محل وقوع ” هالا حويلي “ هالا جي ڀرسان ٻڌايو آهي . انهيءَ ڀئن پور ۾ هالا برادريءَ جي محلي اندر سيدن جي حويلي هئي . جنهن کي هالا حويلي سڏيو ويندو هو . هالا جي پسگردائيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ آباد هئا . مثلاً سک پور ، سالارو ، ڀاڻوٺ ۽ کاڻوٺ وغيره جيڪي اڄ به هالا جي پسگردائيءَ ۾ موجود آهن . ڄاڻايل سڀئي ڳوٺ درياهه جي اٿل پائڻ سبب پنهنجا ماڳ مٽائيندا رهيا آهن . هالا پراڻا ۽ نوان پڻ انهيءَ نقل مڪانيءَ جو حصو رهيا آهن . جيڪي سنڌو درياهه جي اٿل پائڻ سبب ٻن شهر ۾ ورهائجي ويل آهن . ساڳيءَ طرح خاڻوٺ به ٻن شهرن ۾ ورهائجي هڪ درياهه جي ساڄي ڪپ تي ۽ ٻيو کاٻي ڪپ تي آباد ٿيو . درياهه جي زوراوريءَ سبب ڀئن پور به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي تبديل ٿيندو رهيو آهي . انهيءَ نقل مڪانيءَ سبب هن شهر کي به ماڳ مٽائڻا پيا . جنهن جو آخري ماڳ سنڌو درياهه کان اولهه طرف ۽ انڊس هاءِ وي کان اٽڪل پنج ڪلوميٽر اوڀر طرف ” شهر ڀيان “ جي نالي تعلقي ڪوٽڙيءَ جو مشهور ۽ خوبصورت شهر هو . هن شهر جو اصل نالو ڀئن پور هو . جيڪو ڀئن ذات جي ماڻهن سان منسوب هو . انهيءَ ڀئن پور جي هالا حويليءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جنم ورتو . آخري شهر ڀيان جو ماڳ 1956ع جي واري ٻوڏ سبب مڪمل طرح دادلي درياهه جي نظر ٿي ويو .


لفظ ڀئن پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو